.::MENU::.
Home
Islam
Sindh
Shah Abdhl Latif
Bhitt Shah Gallery
Darwesh Meyaan Sahib
S.Benazir Bhutto
Urdu FB Covers
Urdu Corner
Fashion & Style 
Radio Stations
Universities Pages
Newspapers Page
World's Authors
Countries Information
Urdu Dictionary
Greeting Directory
World History
Education
Games
Funny Pictures
Send Free SMS
International SMS
Softwares Download
Tips & Tricks
Wallpapers
Poetry
Funny Videos
Mobile Themes
MP3 Ringtones
Videos
Sindhi Music
Stories Page
Quotes Page
SMS Fun Message 
Image Upload Free
Free Web Hosting 4u
Blocking WebOpener
Pak Web Directory
Immigration To World
Jobs
Forum
Send Sindhi Email
Guestbook
Blog
Privacy Policy
 

 

Shaheed Benazir Bhutto

وِيا مورَ مَرِي، هَنجُ نه رَهِيو هيڪِڙو؛
وَطَنُ ٿِيو وَرِي، ڪُوڙَنِ ڪانِيَرَنِ جو

======================================================================

آگَمِيو آھي، لَڳَہَ پَسُ! لَطِيفُ چئي؛
وُٺو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، ڪَڍو ڌَڻَ ڪاھي؛
ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پَئو، سَمَرُ سَنباھي؛
وِھو مَ لاھي، آسِرو اَللھَ مان.

======================================================================

Videos

Benazir's Killer

 

Tribute & Honour

 

Tribute To Benazir

 

Tribute to Benazir Bhutto

Tribute to Benazir Bhutto

 

بينظير  ڀٽو: هڪ عظيم ليڊر

هوءَ جيڪا بهار جي خوشبودار هوا جي جهوٽي جيان هئي، هوءَ جيڪا اداس دلين لاءِ آٿت، مايوس ماڻهن لاءِ همٿ، ملڪ لاءِ اڪيلو آسرو، جمهوريت پسندن لاءِ اميد جي آخري ڪرڻ هئي، هوءَ جيڪا جڏهن لکين ماڻهن جي ميڙ ۾ جڏهن مسڪرائي نعرن جو جواب ڏيڻ لاءِ هٿ کڻندي هئي ته غريبن کي غربت، بکايلن کي بک ۽ بيروزگارن کي بيروزگاري وسري ويندي هئي، هر طرف ڄڻ ته خوشين، اميدن ۽ سنهري خوابن جا گل ٽڙي پوندا هئا، هوءَ جيڪا جڏهن ملڪ کان پري هوندي هئي ته سندس غيرموجودگي ۾ به سندس هئڻ جو احساس سڄي ملڪ جي جمهوريت پسند عوام لاءِ آٿت جو سبب بڻبو هو ۽ اهي ان آس سهاري ته هاڻي آمريت جا ڪارا ڪڪر جلد هٽي ويندا، پنهنجي جدوجهد جو سفر اڃا به وڌيڪ تيزي جاري رکندا هئا، هوءَ جڏهن ملڪ ۾، پنهنجي ماڻهن ۾، پنهنجي ماروئڙن ۾، پنهنجي ڏيهه واسين ۾ هوندي هئي ته هر ڪو کيس پنهنجي ڇپر ڇانو سمجهندو هو ۽ ان گهڙي ڪو به نڌڻڪو نه هوندو هو، ڪو به اٻاڻڪو نه هوندو هو، ڪوبه مايوس نه هوندو هو، هر طرف هڪ ئي گونج ٿي ويندي هئي ته آئي آئي بينظير، ڇائي ڇائي بينظير.

                پر وقت جي ويرين، خوشين جي ويرين، روشنين جي ويرين، جمهوريت جي ويرين، مسڪراهٽن جي دشمنن، روشن خيالي جي ويرين، عوامي خوشحالي جي دشمنن، پيار جي ازلي ويرين کي اهي خوشيون، اهي آسون، اهي اميدون، اهي آٿتون بلڪل نه وڻيون ۽ انهن روشني کي وسائي ڇڏيو. ان خيال سان ته هاڻي ڪو به خوشين جي آس نه رکندو، هاڻي ڪو به خوشحالي جي اميد نه رکندو، ڪو به جمهوريت جي جدوجهد نه ڪندو، هاڻي ڪو به اک کڻي انهن ڀيانڪ اکين ۾ ڏسڻ جي ڪوشش نه ڪندو جيڪي پنهنجي ناپاڪ ارادن سان اسان جي خوشين جو قتل ڪري رهيا آهن.

                پر اسان نه بلڪه اهي ڀليل آهن. رت جي هر بوند اميدن جا نوان ڏيئا ٻاريندي ۽ خاتمو عوام جي اميدن جو نه پر انهن مڪروه چهرن جو ٿيندو.

                شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي پنڪي جيڪا وڏي ٿي سندس جانشين بڻي اها نه رڳو پاڪستان پر اسلامي دنيا توڙي سڄي دنيا جي اهم ترين ۽ مقبول ترين اڳواڻن مان هڪ هئي، هوءَ ان شهيد ڀٽي جي نياڻي هئي جيڪو اسلامي دنيا جي ٻڌي جي علامت هو ۽ ان کي جڏهن دنيا جي لٺ سردارن پنهنجي لاءِ خطرو سمجهيو تڏهن انهن پنهنجي ڇاڙتن معرفت کيس رستي تان هٽائي ڇڏيو ۽ ان وقت هنن اهو سمجهيو ته اهو باب بند ٿي ويو آهي پر  ائين نه ٿيو ۽ بينظير ڀٽو جدوجهد، ان مشن ۽ ان قافلي کي انهيءَ جاءِ تان اڳتي وڌايو جتي سندس محترم والد ڇڏي ويو هو. هوءَ مقبوليت جي ميدان ۾ پنهنجي پيءُ کان به اڳتي نڪري وئي، اهو ئي سبب هو جو 2 ڀيرا سندس حڪومت اچڻ ۽ هر ڀيري اليڪشن ۾ سندس پارٽي پاران سڀ کان وڌيڪ ووٽ کڻڻ باوجود کيس سک سان حڪمراني ڪرڻ نه ڏني وئي، نه وري کيس عوامي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ فري مينڊيٽ ڏنو ويو، انهن سمورين رڪاوٽن بينظير ڀٽو کي جمهوريت لاءِ جدوجهد هلائڻ کان روڪڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي پر هوءَ ته خوشبوءَ جي ان جهونڪي وانگر هئي جيڪا پنهنجي منزل پاڻ تلاش ڪري وٺندي آهي، شهيد ڀٽي کانپوءِ پاڪستان تي مسلط ٿيل هر آمر اها ڪوشش ڪئي ته هو پيپلزپارٽي يا بينظير ڀٽو کانسواءِ هتان هتان ڪک پن گڏ ڪري ملڪ کي هلائيندو، ماڻهن کي ڀلائيندو ۽ پنهنجو مقصد ڪڍندو پر هر ڪنهن منهن جي کاڌي.

                هن حڪومت به اهڙي ئي ڪوشش ڪئي پر نيٺ کين وري به مشرق جي نياڻي ڏانهن ڏسڻو پيو، هوءَ جڏهن پاڪستان موٽي ته ڪراچي ۾ عوام جي سمنڊ ڇوليون هڻي سندس مقبوليت جي سند تي مهر هنئي ۽ اها مقبوليت ڪجهه اندر جي ڪارن کي نه وڻي ۽ ان جو نتيجو اهڙي سانحي جي صورت ۾ سامهون آيو جنهن بابت سوچڻ تي به دل نٿي  چوي. اڃا اسان 18 آڪٽوبر واري سانحي جي سورن کي صحيح طرح وساري نه سگهيا آهيون ته هي گهرو گهاءُ اندر کي چهڪ ڏئي ويو آهي، خبر ناهي ته هاڻي ڇا ٿيندو. اهي ماڻهو جيڪي هن چونڊ مهم دوران پراميد هئا ته هاڻي جمهوريت جو سج اڀرندو ۽ آمريت جي اونداهه ختم ٿيندي، ملڪ ۾ خوشحالي ايندي ۽ غربت دور ٿيندي، انهن وري پنهنجو منهن مونن ۾ ڏئي ڇڏيو آهي ۽ مايوسي جي اوڙاهه ۾ غرق ٿي ويا آهن، چوندا آهن ته مايوسي ڪفر آهي پر جڏهن چوڏس ماتم هجي ۽ ڪنهن به پاسي کان اميد جي ڪا روشني نظر نه اچي ته پوءِ مايوس نه ٿجي ته ڇا ڪجي.

                اسان مايوس آهيون، ڏکويل آهيون پر اسان اميد ناهي ڇڏي، اسان آس جو ڏيئو هينئر به جلائي رکيو آهي، انڪري ته اسان چاهيون ٿا ته هي ملڪ جيڪو عوام لاءِ ٺهيو، جيڪو خوشحالي لاءِ ٺهيو، جيڪو محبتن لاءِ ٺهيو ان تي ويرين جو وس نه هلي انڪري دعائن سان گڏ اهو عزم به ڪرڻ گهرجي ته زندگي جيڪا روان رهڻي آهي ان جي مستقبل کي ۽ ايندڙ نسلن کي ان قسم جي اندوهناڪ سانحن کان بچائڻ لاءِ ڪو نه ڪو گس، ڪو نه ڪو ڏس ضرور ڳولي ڪڍنداسين.

 

 

 

حڪمران آخر چاهين ڇا ٿا؟

قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي بهادر نياڻي محترمه بينظير ڀٽو 8 سالن جي ڊگهي جلاوطني ختم ڪرڻ کانپوءِ جڏهن پنهنجي عوام سان ملڻ لاءِ سموريون حڪومتي ۽ رياستي رڪاوٽون ٽوڙي جڏهن ڏيهه پهچي رهي هئي ته ان کان هڪ ڏينهن اڳ 15 آڪٽوبر کان ڪراچي جي رستن تي محترمه بينظير ڀٽو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي تصويرن، بئنرن، پوسٽرن ۽ پ پ جي جهنڊن سان سجايل ڪراچي کي ڏسي ثابت ٿي چڪو هو ته ماڻهو واقعي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نعري روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان واري پارٽي پ پ ئي ملڪ جي وڏي ۾ وڏي عوامي ۽ سياسي پارٽي آهي ۽ ڪالهه جڏهن محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جي اها بدنصيب خبر ڪنهن خانگي ٽي وي چئنل نشر ڪئي ته آفيس ۾ موجود سمورن ملازمن جي اکين مان نه صرف ڳوڙها وهي پيا بلڪه سڀني جي زبان تان اهي لفظ نڪرڻ شروع ٿي ويا ته پ پ دشمن، پ پ ڀٽو خاندان کي ختم ڪرڻ ۽ شهيد ڀٽو جي روٽي ڪپڙا ۽ مڪان واري نعري جو هميشه لاءِ خاتمو آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، محترمه بينظير ڀٽو جڏهن 8 سالن جي جلاوطني ختم ڪري ڪراچي ايئرپورٽ پهچي ٻئي هٿ مٿي ڪري دعا گهري روئي پئي هئي ان وقت ته محترمه جي روئڻ ۽ ڳوڙهڻ کي ڏسي سندس استقبال لاءِ آيل سمورا ماڻهو محترمه جي پنهنجي ڌرتي تي قدم رکڻ سبب خوشي جا ڳوڙها سمجهي پاڻ به خوشي وچان روئي پيا هئا پر ڪالهه کان سڄي عوام جي اکين مان وهندڙ ڳوڙها خوشيءَ جا نه پر سنڌ ڄائي جي شهادت واري بدنصيب واقعي سبب وهي رهيا آهن، محترمه بينظير ڀٽو جنهن جي ڪراچي آمد وقت ئي سندس قافلي ۾ بم ڌماڪو ڪري کيس سندس جان جو نشانو بنائڻ جو ٽاسڪ ڏيندڙن سمجهيو هو ته شايد بينظير ڀٽو انهي پهرئين خوفناڪ ڌماڪي کانپوءِ پنهنجي جان بچائڻ لاءِ ڊڄي يا ته ٻيهر واپس دبئي هلي ويندي يا پنهنجون سياسي سرگرميون ختم ڪري گهر ۾ بند ٿي عوام سان پنهنجو رابطو ڪٽي

 ڇڏيندي پر کيس نشانو بنائيندڙ کي شايد اها خبر نه هئي ته بينظير ان شهيد جي نياڻي آهي جنهن چيو هو ته ڪيترا ڀٽا ماريندؤ، هر گهٽي مان ڀٽو نڪرندو، محترمه بينظير ڀٽو جنهن سنڌ ۾ ايندڙ عام چونڊن جيڪي شايد هاڻي ٿيندي ناممڪن نظر اچي رهيون آهن، لاءِ حيدرآباد ۾ ٿيل پهرئين عوامي جلسي ۾ پنهنجي شهيد والد جو ساڳيو حوالو ڏيندي چيو ته ڪيترا ڀٽا ماريندؤ، هر گهٽي مان ڀٽو نڪرندو، اڄ محترمه جي شهادت جي واقعي جو ٻڌندي ائين محسوس ٿي رهيو هو ته ڄڻ محترمه بينظير ڀٽو کي اها پڪ هئي ته هو ڪنهن به وقت دشمن جي گولي يا بم جو نشانو بڻجي سگهي ٿي انڪري نه صرف حيدرآباد پر حيدرآباد کانپوءِ ٿيندڙ هر عوامي جلسي ۾ خطاب ڪندي ساڳئي نعري کي ورجائيندي باربار اهو پئي چيو ته دشمن کيس گولي يا ڌماڪي جو نشانو بنائي ملڪ کي خانه جنگي طرف وٺي وڃڻ چاهين ٿا پر حڪمرانن شهيد بينظير جي باربار اهڙين نشاندهين باوجود ڪو به توجهه نه ڏنو ۽ آخرڪار محترمه بينظير ڀٽو کي نشانو بنائيندڙن پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويا. ڇاڪاڻ ته محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ سڄي ملڪ جيان حيدرآباد ۾ پڻ مشتعل ماڻهن طرفان ضلعي ناظم جي آفيس سميت ڪيترين ئي آفيسن، گاڏين کي باهيون ڏيندڙ عام ماڻهن تي فائرنگ کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال مان واضح ٿي ويو آهي ته محترمه بينظير ڀٽو جي اها ڳالهه سچي ثابت ٿي آهي ته جيڪڏهن ملڪ کي آمريت کان نجات ڏياري حقيقي جمهوريت آڻي ملڪ عوامي نمائندن حوالي نه ڪيو ويو ته ملڪ خانه جنگي طرف ويندو، محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ پيدا ٿيل اهڙي صورتحال جڏهن مڇريل ماڻهو پاڻ تي ضابطو آڻي نه سگهن ۽ پوليس، رينجرز يا ٻئي فورسز جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪندي رستن تي نڪري اچن، پوليس عملدار امن امان قائم ڪرڻ يا عوام جي جان کي بچائڻ بجاءِ پاڻ کي بچائڻ لاءِ ٿاڻن کي تالا هڻي ويهي رهن

 تڏهن محترمه بينظير ڀٽو جا بار بار چيل اهي جملا ته پ پ ئي ملڪ جي وڏي ۾ وڏي عوامي ۽ سياسي پارٽي آهي ۽ محترمه بينظير ڀٽو ئي عوام جي پسنديده ليڊر آهي، محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي شهادت کان اڳ آخري ڏينهن ۾ پنهنجي هر خطاب ۾ اهو چوندي رهي ته هوءَ عوام خاطر شهادت جو ڍڪ ڀرڻ لاءِ تيار آهي ۽ واقعي محترمه پنهنجي والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ڀائرن شهيد شاهنواز ڀٽو ۽ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جيان شهادت جو ڍڪ پي پنهنجي پيءُ ۽ ڀائرن جي نقش قدم تي هلي ڀٽو خاندان جي هڪ وڌيڪ قرباني ڏئي هلي وئي، محترمه بينظير جي شهادت کانپوءِ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ افراتفري، فسادن واري صورتحال تي ڪڏهن ۽ ڪير ضابطو آڻيندو، ان بابت ته خود حڪومت ۽ خاص طور تي ضلعن جو انتظام هلائيندڙ فورسز کي به خبر نه آهي ڇاڪاڻ ته صرف محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جي مسئلي تي ڳالهه ختم نه ٿي ٿئي  خبر نه آهي ملڪ کي ڪٿي پهچائي ڇڏيندا. محترمه بينظير جي شهادت جو اطلاع ملڻ کانپوءِ ڪلاڪن تائين ماڻهن کي يقين ئي نه پئي آيو ته ڪو اهڙو دل ڏاريندڙ ۽ خوفناڪ واقعو به ٿي سگهي ٿو، محترمه بينظير ڀٽو ملڪ جي اميد هئي ۽ جيڪڏهن ائي کڻي چئجي ته سنڌ جي ماڻهن خاص طور تي نوجوانن جيڪي سالن کان بيروزگاري، بزرگ جيڪي بک ۽ بدحالي جي زندگي گذاري رهيا هئا تن جي اها اميد ختم ٿي چڪي آهي ۽ نه صرف پ پ جي ڪارڪنن پر سمورن مظلوم، محڪوم، غريب ۽ ڏتڙيل ماڻهن جيڪي وزيراعظم بينظير، بينظير آئيگي، روزگار لائيگي جو نعرو هڻي رهيا هئا انهن جي زبانن تي اها جملا بار بار ورجائجي رهيا آهن ته ڇا بينظير ڀٽو ۽ حڪومت وچ ۾ اها ئي ڊيل هئي؟.

 

پنڊيءَ کان لاڙڪاڻي موڪليل هڪ ٻيو لاش!

منظور ميراڻي

 

                چوندا آهن تاريخ پاڻ کي ورجائيندي آهي...۽ مان سوچيان ٿو ته هن ملڪ ۾ تاريخ پنهجو پاڻ سدائين ڀٽو فيمليءَ تي ڇو ٿي ورجائي؟ تاريخ پنهنجو پاڻ ورجايو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ وزير اعظم کي قتل ڪيو ويو. ڪالهه 1979ع هو، ۽ اڄ 2007ع جا آخري ٽي ڏينهن...هن سال جو ڪيلينڊر اڃا تبديل ئي نه ٿيو، جو هن ملڪ ۾ گهڻو ڪجهه تبديل ٿي ويو، بينظير ڀٽو جي آمد جا جشن ماتم ۾ تبديل ٿي ويا...ساڳي 79ع واري سينه ڪوبي، ساڳيو لياريءَ جي عورتن جو ماتم، ساڳيو روڊن تي احتجاج، ۽ ساڳي هر اک آلي...گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي ته هر اک آلي ئي هئي، ممڪن آهي ته ڪالهه شام ڪيترن ئي گهرن ۾ چلهه به نه ٻري هجي، ممڪن آهي ته ڀٽو جي شهادت جيان، ڪيترن ئي گهرن ۾ تڏا به وڇايا ويا هجن. ڀٽو جي شهادت تي ماڻهن ڪيئن محسوس ڪيو هو، اهي درد جي ڪهڙي ڪيفيت مان گذريا هوندا، ان جو اندازو اڄ جي جنريشن کي نه هو، پر ڪالهه جڏهن بينظير ڀٽو جي قتل جي خبر پهتي هوندي ته اڄ جي جنريشن کي اندازو ٿي ويو هوندو ته ماڻهن ڀٽو جي شهادت تي ڪهڙي اذيت مان گذريا هوندا! هڪ اهڙي ڪيفت جيڪا لفظن ۾ بيان نٿي ڪري سگهجي، اها ته بس ڳوڙهن ۾ ئي بيان ٿي سگهي ٿي. بس سينه ڪوبي ۽ مٿي ۾ خاڪ وجهڻ سان ئي ان جو اظهار ٿي سگهي ٿو، ۽ ڪالهه اسان اوهان هر ٽي وي چئنل تي اهڙي اظهار جا ڪيترائي منظر ڏٺا.

                رڳو منظر ئي نه، پر الائي ڪيتريون اهڙيون فون ڪالز به آيون، جن تان رڳو سڏڪا ئي ٻڌڻ لاءِ مليا...ماڻهو ڪنهن سياسي ليڊر سان ايئن به محبت ڪن ٿا، اهو ٻڌو ته هئوسين، پر ان جو تجربو ڪالهه ٿيو. ماڻهو ايئن روئي رهيا هئا، ڄڻ انهن جو ڪو ويجهو عزيز انهن کان جدا ٿي ويو هجي.

                بينظير ڀٽو سنڌ جي ڌيءُ هئي، ۽ فطري طور تي پنهنجي نياڻيءَ جي قتل تي ان جي امڙ ئي وڌيڪ ماتم ڪري رهي آهي، پر بينظير ڀٽو ان نصرت ڀٽو جي به ڌيءُ هئي، جيڪا مون کي ڪنهن المياتي ڊرامي جو ڪردار لڳندي آهي. نصرت ڀٽو، جنهن جي زندگي هڪ وزير اعظم سان شادي ڪرڻ باوجود المين سان ئي ڀريل رهي. هن پنهنجي زندگيءَ جا چار وڏا الميا برداشت ڪيا. نصرت ڀٽو پهرين پنهنجي ور جو لاش ڏٺو، ان کان پوءِ پنهنجي جوان پٽ شاهنواز جي پراسرار موت جي خبر به هن جي ئي نصيب ۾ آئي، وري کيس مرتضيٰ جو لاش تحفي ۾ مليو. الميا هر چند سالن کان پوءِ هن جي آجيان ڪندا رهيا، ۽ هاڻي ڪجهه ئي سالن کان پوءِ بينظير جو قتل....ڇا اڳيان ڏک نصرت ڀٽو لاءِ ڪافي نه هئا، جو هڪ ٻيو الميو به هن جي ئي نصيب ۾ لکجي آيو!؟

                دنيا ٿي سگهي ٿو ته تبديل ٿي وئي هجي، پر ڀٽو فيمليءَ لاءِ ڄڻ ته ڪجهه به تبديل نه ٿيو...ملڪ جي هر موڙ تي  موت انهن کي نشانو بڻائڻ لاءِ گهات هنيو ويٺو رهيو، ۽ جڏهن به ان کي موقعو مليو، ڀٽو خاندان جو ڪو نه ڪو فرد ان جو شڪار ٿي ئي ويو...جيڪڏهن گهات هڻي ويٺل موت 18 آڪٽوبر تي ناڪام ٿيو ته ان وري 27 ڊسمبر تي پنهنجو زور آزمايو، ۽ ان زور ۾ رڳو بلاول، بختاور ۽ آصفه ئي يتيم نه ٿيا، پر اها جمهوريت به يتيم ٿي وئي، جنهن جو خواب هن ملڪ ۾ تعبير ماڻڻ لاءِ بيتاب آهي...رڳو اهي لکين ماڻهو ئي لاوارث نه ٿيا،  جيڪي بينظير ڀٽو جي واپسيءَ تي هڪ نئين صبح جي اميد ڪري رهيا هئا، پر ڄڻ ته اهي سڀ ڌريون به لاوارث ٿي ويون، جيڪي انتها پسنديءَ خلاف ويڙهه ڪندي ڪندي ٿڪجي پيون هيون، ۽ سمجهيو پئي ته انتها پسنديءَ سان مقابلو پاڪستان کي جمهوري بڻائڻ سان ئي ڪري سگهجي ٿو، ۽ جمهوريت جي ڳالهه ڪجي، ۽ ان مان ڀٽو فيمليءَ کي الڳ ڪري ڇڏجي، سو ممڪن ئي نه هو. اهو ئي سبب هو، جو هن کي واپس اچڻ ڏنو ويو، پر انتها پسندن ان جي آجيان هڪ آپگهاتي حملي سان ڪئي، جنهن حملي ۾ بينظير ڀٽو ته بچي وئي، پر ڏيڍ سئو ماڻهو زندگيون وڃائي ويٺا. جڏهن 18 آڪٽوبر جو واقعو ٿيو هو، تڏهن گهڻن ماڻهن اهو ئي سوچيو هو ته بينظير ڀٽو جيڪڏهن بچي وئي آهي ته هيءُ حملو کيس واپس موڪلڻ جو ڪم ضرور ڪندو ۽ هوءَ واپس دبئي هلي ويندي...پر هن نه رڳو هتي ئي رهڻ جو فيصلو ڪيو، پر حملي جي ٻئي ڏينهن تي زخمين سان عيادت ڪرڻ لاءِ اسپتالن ۾ پهتي ۽ اجل جو شڪار ٿيندڙن جي پونئيرن سان تعزيت لاءِ سندن گهر وڃي نڪتي. هن جي اعصابن جو ڪو جواب نه هو، نه ته پنهنجي سامهون ايترا سارا لاش ڪرندي ڏسڻ ۽ اها خبر هجي ته اهو حملو کيس ئي نشانو بڻائڻ لاءِ ٿيو، ان کان پوءِ  ايئن تحرڪ جاري رکڻ  انهن انتها پسندن کي چئلينج ڪرڻ برابر ئي هو، جيڪي مسلسل بينظير ڀٽو جي لاءِ ڪڏهن لاڙڪاڻي ۾، ڪڏهن لاهور ۾ ته ڪڏهن حيدرآباد ۾ گهات هڻندا رهيا.

                پنڊيءَ سدائين سنڌ کي اهڙا تحفه ڏنا آهن، جن تحفن تي سنڌ وٽ ماتم ڪرڻ کان سواءِ ڪجهه به ناهي هوندو. هن وقت به پنڊيءَ پاران سنڌ کي جيڪو تحفو مليو آهي، ان تي ايئن ئي ٿي سگهي ٿو، جيڪو ڪالهه سڄي ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ جي روڊن تي ٿيندو رهيو. ماڻهن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هو ڇا ڪن، بينظير ڀٽو جي موت تي ڪهڙو ردعمل ڏيکارين، ماتم ڪن، احتجاج ڪن، ٽائرن کي باهيون ڏين، هوائي فائرنگ ڪن،  ٽريفڪ بلاڪ ڪن، يا  ڪو ٻيو اهڙو ئي انتهائي قدم کڻن، ايئن ئي جيئن ڀٽو جي شهادت وقت ٿيو هو.

                جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏني وئي هئي، تڏهن ٻڌو هئوسين ته ان ڏينهن ڀٽو جي ڪيترن ئي چاهيندڙن پنهنجو پاڻ کي باهه ڏئي ساڙن جي ڪوشش ڪئي هئي...اهڙن واقعن تي اسان واري جنريشن سوچيندي هئي ته ايئن ڪيئن ٿيو هوندو، ڇا ايئن به ٿي سگهي ٿو، جو ڪو ماڻهو ڪنهن سياسي ليڊر جي ڪري پنهنجو انت آڻڻ جي ڪوشش ڪري!؟ ڇا ايئن به ٿي سگهي ٿو، جو ڪو سياسي ليڊر قتل ٿئي، ۽ عوام ايئن ديوانن وانگي گهرن کان ٻاهر نڪري اچي پنهنجي ڏک جو اظهار ڪري؟ اهو ذوالفقار علي ڀٽو جو دور هو، ۽ اهي ڀٽي جا چاهيندڙ هئا، جيڪي ان جي ڪمهلي موت تي ديوانن وانگي گهرن کان ٻاهر نڪري آيا هئا، ۽ هيءُ بينظير ڀٽو جو دور آهي، جنهن ۾ بينظير ڀٽو سان چاهه رکندڙ پنهنجي ڏک جو اظهار ڪري رهيا آهن.

                جڏهن هن ملڪ لاءِ جمهوريت جي ڳالهه ٿئي ٿي، تڏهن اها ڳالهه واضح ٿي وڃي ٿي ته ان جمهوريت لاءِ ڏيهي توڙي پرڏيهي قوتن وٽ فقط هڪ ئي آپشن هجي ٿو، ۽ اهو آپشن ڀٽو فيملي آهي...پر سوچجي ته هاڻي جڏهن ڀٽو فيمليءَ جو آخري فرد به غير فطري موت جو شڪار ڪيو ويو، تڏهن جمهوريت لاءِ ڏيهي توڙي پرڏيهي قوتن وٽ ڪهڙو آپشن بچي ٿو؟ ڇا ايئن سمجهجي ته جمهوريت جي هن ملڪ ۾ ڪا به گنجائش ڪونهي، جو جيڪو به جمهوريت ۽ عوامي حقن جي ڳالهه ڪري ٿو، ان جو انجام اهو ئي ٿئي ٿو، جيئن 79ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان ٿيو، ۽ 2007ع جي آخري ڏينهن ۾ بينظير ڀٽو سان ٿيو آهي.

                جڏهن 6 8 ع ۾ بينظير ڀٽو وطن وري هئي، تڏهن حبيب جالب مرحوم چيو هو ته، جنرل کرنل کانپ رهي هين ايک نهتي لڙڪي سي پر هن ڀيري ڳالهه گهڻو اڳتي نڪري چڪي آهي...هاڻي رڳو جنرل ۽ ڪرنل ئي نه، پر اهي سمورا سياستدان به هڪ اڪيلي عورت کان ڄڻ ته خوفزده آهن، جيڪي هو شايد سياستدان نه هجن، جيڪڏهن انهن جي پويان جرنل ڪرنل نه هجن....هڪ هٿين خالي عورت کان اهي سڀ ماڻهو ڊنل هئا، جيڪي ڪنهن به صورت ۾ نه پيا چاهين ته هن ملڪ ۾ جمهوريت بحال ٿئي، جيڪي ڪنهن به صورت ۾ نه پيا چاهين ته انتها پسنديءَ کي شڪست اچي، جيڪي قطعي به نه پيا چاهين ته اهي قوتون ڪمزور ٿين، جيڪي گذريل 60 سالن کان هن ملڪ کي کائي رهيون آهن. 86ع واري ان هٿين خالي ڇوڪري ۽ 2007ع واري هٿين خالي عورت کان حبيب جالب واري دور ۾ به اهي ان ڪري ڊنل هئا، جو ان جي پٺيان عوام هو، ۽ هاڻوڪن ڏينهن ۾ به ان ڪري خوفزده هئا، جو ماڻهن جي جذبن ۾ اڃا ڪا گهٽتائي نه آئي هئي.

                بينظير ڀٽو جي نالي موڪليل پراسرار خطن کان وٺي سرڪاري ادارن پاران خبردار ڪرڻ تائين وارا لقاءَ ٻڌائين ٿا ته بينظير جي موجودگي ڪيترين ئي ڌرين لاءِ پريشانيءَ جو سبب هئي، جو جڏهن 18 آڪٽوبر تي آپگهاتي حملو ٿيو ته ساڳين ڌرين ان قسم جا به بيان ڏنا ته پيپلز پارٽيءَ پاڻ حملا ڪرايا پر ان موٽ ۾ بينظير ڀٽو اهو سوال اٿاري پڇندي رهي ته اعجاز الحق، پرويز الاهي ۽ چوڌري شجاعت جي جلسن تي حملا ڇو نٿا ٿين؟ ان سوال سان هوءَ انتها پسندن سان انهن جي تعلق جي سڌي ڳالهه نه ڪندي به انتها پسندن سان انهن جو تعلق جوڙي وٺي ٿي. هوءَ حملي ٿيڻ کان پوءِ مسلسل چئي رهي هئي ته حڪومت ۾ ويٺل ڪجهه ماڻهو انهن حملن ۾ ملوث آهن، جنهن جو مقصد اهو هيو ته جنرل مشرف جي سياسي ٽيم ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان انتها پسندن کي سپورٽ ڪندي رهي آهي.

                بينظير ڀٽو جڏهن جلا وطن هئي، تڏهن کڻي پاڪستاني سياست جو ميدان هن لاءِ نه هو، ۽ هن کي ٻاهر ويهاري جنرل مشرف به چئي پئي سگهيو ته، هاڻي بينظير جو ڪو سياسي رول ڪونهي. پر پاڪستان جي سياسي ميدان ۾ ٻيهر  اچڻ کان پوءِ بينظير ڀٽو جهڙي نموني سياست ڪري رهي هئي، ان مان آسانيءَ سان اندازو هڻي سگهجي پيو ته پاڪستان جي مستقبل واري سياست ۾ ان جو وڏو ڪردار هو. بينظير ڀٽو جهڙي نموني سان سياسي ذهانت جو مظاهرو ڪري رهي هئي، اها ذهانت جمهوريت پسندن کي ته اپيل ڪري پي، پر اها ذهانت شايد پنڊيءَ جي انهن قوتن کي اپيل نه پئي ڪري، جن جا لنڪس اڃا تائين انتها پسندن سان آهن. ان ڪري اهي قوتون ڪوشش ڪنديون رهيون ته مستقبل جي سياست ۾ يا بينظير ڀٽو جو ڪردار ئي نه هجي.

                پيپلز پارٽيءَ جا ڪارڪن ته چاهين پيا ته بينظير ڀٽو اقتدار ۾ اچي، سنڌ به چاهي پئي ته اختيار بينظير ڀٽو کي ملن...پر اهي خفيه قوتون ڇا ايئن چاهين پيون، جيڪي بظاهر دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ شامل هجڻ جي انتها پسنديءَ کي جيئرو به رکڻ چاهين پيون؟ ان سوال جو جواب ڳولڻ ان ڪري به ضروري آهي، جو هن ملڪ ۾ اقتدار جي منتقليءَ ۾ فيصلا ڪن ڪردار عوام ۽ ڪنهن مقبول پارٽيءَ جي ڪارڪنن جي خواهشن کان وڌيڪ انهن قوتن جو ئي رهيو آهي. دنيا ۾ گهڻو ڪجهه تبديل ٿي ويو آهي، پر جيڪڏهن ڪا شيءِ تبديل ناهي ٿي ته اها انهن خفيه قوتن جي ذهنيت آهي، جيڪا چاهي ٿي ته ڪنهن سياسي ليڊر جي پويان ڀلي کڻي ڪروڙين ماڻهو هجن، پر هو هر صورت ۾ اهو ئي سياسي نظام جيئرو رکڻ چاهين ٿا، جيڪو نظام گذريل 60 سالن کان ساهه کڻندو آيو آهي.

                جڏهن 18 آڪٽوبر وارو واقعو ٿيو، تڏهن جنرل مشرف جي ٽيم اهو به چئي رهي هئي ته بينظير ڀٽو تي ان ڪري حملو ٿيو آهي، جو هن انتها پسندن خلاف بيان ڏنا هئا. بينظير ڀٽو جي سياست ۽ ان جي اقتدار ۾ اچڻ سان انتها پسند يقينن ناخوش ٿيندا، پر خوش ته پاڪستان جون اهي ڌريون به نه هيون، جن کي پنهنجو سج لهندي نظر اچي رهيو هو.

                ان حوالي سان ريلوي واري اڳوڻي وزير شيخ رشيد جو ڏنل اهو بيان به انتهائي اهم آهي، جنهن ۾ هن چيو هو ته، بينظير ايجنسين جي خلاف ڳالهائي خاڪ سياست ڪندي. ڳجهن ادارن جي ايتري طاقتور هجڻ جي خبر بينظير ڀٽو کان وڌيڪ ٻيو ڪنهن کي هوندي، پر جڏهن اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ ئي هوءَ انهن کي چيلينج ڪري پئي، تڏهن ڪيترا ماڻهو اهو سمجهن پيا ته ڳجهن ادارن سان ٽڪراءَ ۾ اچڻ جي همٿ ته تڏهن ئي ٿي سگهي ٿي، جڏهن انهن ادارن کان به ڪنهن وڏي قوت چاهيندي هجي ته ملڪ ۾ جمهوريت قائم ٿئي. ڪونڊو ليزا رائيس جا بينظير ڀٽو سان فون تي رابطا، پونٽي جا بينظير ڀٽو جي حق ۾ بيان، ۽ يورپي يونين ۾ بينظير ڀٽو تي 18 آڪٽوبر واري حملي جي مذمت واري قرارداد مان پاڪستان جي جمهوريت مخالف قوتن کي به اندازو ٿي ويو ته بينظير ڀٽو مان جند ڇڏائڻ ايئن آسان ناهي، جيئن انهن نواز شريف مان جان آجي ڪرائي. هن ڳالهه جو مقصد اهو ڪونهي ته ڪو بينظير ڀٽو جي اهميت ان ڪري هئي، ڇاڪاڻ جو عالمي برادري ان جي حق ۾ آهي، پر اها ڳالهه سمجهجي ته عالمي برادريءَ جو بينظير ڀٽو مٿان ان ڪري اعتماد وڌيو، جو هن 18 آڪٽوبر تي نه رڳو اهو ثابت ڪيو ته هوءَ ئي ملڪ جي اڪيلي مقبول ليڊر آهي، پر مٿس حملي مان عالمي طور تي اهو سنيهو ويو ته هتي پاڪستان ۾ جيڪڏهن ڪا پارٽي يا ڪو ليڊر اعتدال پسند آهي ته اها پيپلز پارٽي ۽ بينظير ڀٽو ئي آهي، جنهن مان انتها پسندن کي خطرو ٿي سگهي ٿو.

                ان سموري صورتحال ۾ جمهوريت مخالف قوتن، انتها پسندن ۽ ان جي سهڪارين لاءِ اهو چيلينج هو ته بينظير کي مڪمل اختيارن کان پري ڪيئن رکجي؟ ان لاءِ هڪ پاسي خوف واري فضا قائم ڪئي وئي ته جيئن بينظير ڀٽو واپس وڃڻ جو فيصلو ڪري، ۽ جيڪڏهن اها واپس نٿي وڃي ته گهٽ ۾ گهٽ چونڊ مهم ۾ سرگرم نه ٿي سگهي. بينظير ڀٽو جيڪڏهن چونڊ مهم ۾ سرگرم نه ٿئي ها ته ان جو جمهوريت مخالف قوتن کي اهو فائدو ٿئي ها، جو اليڪشن ۾ ٽرن آئوٽ گهٽ اچي ها، جنهن کي مينيوپليٽ ڪرڻ وڌيڪ آسان ٿئي ها، جيڪا به هڪ قسم جي ڌانڌلي ئي آهي.

                اصل ۾ خفيه قوتون بينظير کي ان ڪري به مڪمل اختيارن واري حڪومت نه پئي ڏيڻ چاهي، جو ان نٿي چاهيو ته بينظير واقعي به انتها پسندن خلاف ڪارروائي ڪري، ۽ انهن جيئن چاهيو پئي، انتها پسندن جي سهڪار سان ڪري ڏيکاريو!

manzoor_mirani70@hotmail.com

 

 

جمهوريت، انسانيت، جدوجهد ۽ جذبن جو قتل

لياقت باغ ۾ محترمه بينظير ڀٽو کي گولي هڻي شهيد ڪيو ويو آهي. لياقت باغ مان جلسي کي خطاب ڪري هوءَ جيئن ئي واپس موٽي رهي هئي ته فائرنگ ڪري محترمه تي گوليون هلايون ويون ۽ ان کان فوري پوءِ خودڪش بم ڌماڪو ٿيو. ان سانحي ۾ محترمه بينظير ڀٽو سان گڏ 18 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿي ويا. جڏهن ته لڳ ڀڳ 50 ماڻهو به زخمي ٿي ويا (اِنالله واَنا عليه راجعون).

 محترمه بينظير ڀٽو تي ان کان اڳ ۾ 18 آڪٽوبر تي ڪراچيءَ ۾ جلسي دؤران بم حملو ڪيو ويو هو. گذريل ڪيتري ئي وقت کان محترمه بينظير ڀٽو سيڪيورٽي جي خدشن کان آگاهه ڪري رهي هئي ۽ مختلف وقتن تي ان جي سيڪيورٽي انچارج رحمان ملڪ پڻ سيڪيورٽي جي سنگين خطري بابت آگاهي پئي ڏني. ايتري تائين جو محترمه بينظير ڀٽو جي سيڪيورٽي لاءِ جيڪي جيمر ڏنا ويا هئا اُهي پڻ ناڪاره نڪتا.

انهن سڀني خدشن باوجود حڪومت محترمه بينظير ڀٽو جي سيڪيورٽي تي ڪو به ڌيان نه ڏنو ۽ ان جو نتيجو ڪالهه راولپنڊي ۾ هڪ اهڙي سانحي ۽ المئي جي صورت ۾ نڪتو، جنهن مان پاڪستان ايندڙ وڏي وقت تائين نڪري نه سگهندو. محترمه بينظير ڀٽو پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرپرسن هئڻ سان گڏ مسلم دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم هئي کيس ملڪي ۽ بين الاقوامي سياست، ثقافت ۽ عالمي تعلقات جي علم تي عبور هو ۽ ان کان وڏي ڳالهه اها ته هوءَ ذوالفقار علي ڀٽو کانپوءِ پاڪستاني عوام جي اڪيلي محبوب اڳواڻ هئي.

اڄ جڏهن اسين هي سٽون لکي رهيا آهيون تڏهن اسين نٿا ڄاڻون ته اسين ان المئي مان ڪيئن ۽ ڪهڙي طرح نڪري سگهنداسين. هي ساڳيو شهر پنڊي آهي، جتان پاڪستان جي محبوب اڳواڻ جو لاش سنڌ ڏانهن روانو ڪيو ويو هو ۽ اڄ انهيءَ ساڳئي شهر ۽ بلڪل انهيءَ هنڌ لڳ جتي ذوالفقار علي ڀٽي جو عدالتي قتل ڪيو ويو هو، اُتي ئي سندس پياري ڌيءَ کي ٽارگيٽ ڪري شهيد ڪيو ويو. اسان انهيءَ پراڻي زخم جيڪو اسان جي ماڻهن جي سينن ۾ 4 اپريل 1979ع کان هو، جي سـُـور ۾ سڙيا پيا آهيون، اڄ اسان جي زخمن ۾ اڃان وڌيڪ اضافو ٿيو آهي. سنڌ انهيءَ زخم تي ماتم ڪنا آهي. اسان هن وقت جنهن پيڙاءَ مان گذري رهيا آهيون ان جو اظهار نٿا ڪري سگهون. ڇو ته محترمه بينظير ڀٽو اسان جي ماڻهن لاءِ هڪ سياسي اڳواڻ نه پر انهن جي ارمانن جي تعبير سمجهي ويندي هئي. اڄ ڪروڙين ماڻهن جي ارمانن جو قتشل ٿيو آهي ۽ اسان پنهنجي انهيءَ اظهار کان قاصر آهيون ته محترمه بينظير ڀٽو جو پنڊيءَ  مان جڏهن ميت ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ڏانهن ايندي ته سنڌ پنهنجو پاڻ کي ڪيترو يتيم سمجهندي.

پاڪستان جو مستقبل هڪ ڪهڙي موڙ تي اچي ويو آهي جتان اڳتي هڪ ٻي اونداهي رات آهي. جنرل ضياءَ الحق جي آمريت واري ڪاري رات جو اولڙو اسان جي وجودن مٿان لٿو ئي نه هو ته محترمه بينظير ڀٽو جي سانحي واري غم جي چادر اسان مٿان اوڍجي چڪي آهي.

محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جي خبر جيتوڻيڪ هيءَ سٽون لکڻ تائين ويساهه ۾ نٿي اچي پر تلخي، غم ۽ قيامت صغريٰ جهڙي رات پوري سنڌ ۾ ڇانئجي وئي آهي ۽ اها رات بلوچستان، سرحد ۽ پنجاب وارا به پنهنجي مٿان طاري ٿيندي محسوس ڪري رهيا آهن. اڄ اسان کي ڪارساز پل وارو سانحو وري اکين اڳيان آهي جنهن ۾ بينظير ڀٽو پنهنجي مٿان ٿيل خودڪش حملي جو ذميوار "ضياءَ جي باقيات" کي قرار ڏنو هو. جنهن اجتماعي ڏک جي اسين ڪيفيت ۾ آهيون ان ۾ اسين ڪنهن کي ياد ڏياريون ته انهن 3 ماڻهن جا نالا جيڪي صدر مشرف کي محترمه بينظير ڀٽو هڪ خط جي ذريعي اماڻيا هئا، انهن جو حساب ڪتاب ڪيئن ٿيندو؟ هيءُ معمولي نقصان ناهي جنهن جو ازالو ٿي سگهي. قومن ۾ ڪي ليجنڊز اهڙا ٿيندا آهن جن جو موت هڪ قوم جي اجتماعي شعور، ضمير ۽ هڪ پوري نسل جو الميو بڻجي ويندو آهي ۽ سنڌ سان المئي جي اها تاريخ واري واري سان هڪ اضافي باب سان جوڙي وڃي ٿي. اسان سمجهون ٿا ته عوام جنهن غم ۽ غصي ۾ آهي اهو فطري آهي پر اسين هن ڏک جي عظيم گهڙيءَ ۾ پيپلزپارٽيءَ جي جيالن، لکين ڪروڙين ماڻهن کي اپيل ڪنداسين ته اُهي هن عظيم سانحي واري المئي کي برداشت واري طاقت ۾ تبديل ڪن. اسان سمجهون ٿا ته عوام جا جذبا هن وقت ٿڌا ڪرڻ مشڪل آهي پر ڪڏهن ڪڏهن قومن کان سندن عظيم غم هڪ عجيب امتحان وٺندا آهن ۽ اهو امتحان برداشت وارو آهي. اسان جي ماڻهن جا چاڪ جيڪي ذوالفقار علي ڀٽو  جي شهادت ڀيري چڪيا هئا اُهي اڃان تائين سـُـڪي نه سگهيا ته هڪ ٻيو زخم اُنهن جي سينن ۾ وري چـِـڪي پيو آهي.

اسين طاقتور رياست آڏو ڪهڙو مطالبو ۽ ڪهڙي التجا رکون؟ ڇو ته ذوالفقار علي ڀٽي، شاهنواز ڀٽي،مير مرتضيٰ ڀٽي جي قتلن متعلق ڇا اسان جو داد فرياد ٻڌو ويو آهي؟ اسان محترمه بينظير ڀٽو واري سانحي کي پاڪستاني تاريخ جو عظيم قضيو سمجهون ٿا ۽ ان قضيي جو فرياد آسمانن واري ڏانهن آهي ۽ فقط آسمانن وارو ئي ان جو ازالو ڪري سگهي ٿو.

اوڀر جي نياڻي، سنڌ جي ملير جي مارئي، پ پ چيئرپرسن محترمه بينظير ڀٽو جي 18 آڪٽوبر تي وطن واپسي هاڻي لڳي ٿو ڄڻ شهادت ماڻڻ لاءِ هئي؟! محترمه بينظير ڀٽو جيڪڏهن ڪارساز پل واري سانحي کانپوءِ خوف کائي ماٺ ڪري ويهي ها يا ٻاهرين ملڪي هلي وڃي ها ته هوءَ زنده رهي سگهي پئي پر عوام سان ڪمٽمينٽ ۽ جمهوريت جي راهه ۾ هـُـن پنهنجي جان جي به پرواهه نه ڪئي ۽ اهو ڄاڻندي به اُن جي سيڪيورٽي جي حوالي کان ڪهڙا Lapses آهن هوءَ پنهنجي ماڻهن کان پري نه ٿي ۽ عوام جي وچ ۾ هـُـن پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي ذوالفقار علي ڀٽي جو ڪال ڪوٺڙيءَ مان سالگرهه جي موقعي تي موڪليل عوام واري تحفي جو ڀرم رکيو ۽ پاڪستان ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ نه ختم ٿيندڙ الميو ڇڏي وئي

 
 

  Copyright 2011, www.jamali4u.com